سنڌ

نيو سعيد آباد ڀرسان ڪار جو ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪر،2 ڄڻا فوت،3 زخمي

نيوسعيدآباد کان 5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڪميجا شاخ ۽ ونجھيري جي وچ ۾ قومي شاھراهه تي ڪراچي کان مورو ويندڙ الٽو ڪار جو اڳيان ويندڙ ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار مورو جي ڪلھوڙا ڪالوني وارڊ نمبر 03 جو رھواسي رٽائرڊ پروفيسر قائم الدين پٽ خضر خان لاکو موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ڪار سوار 3 ڄڻا ممتاز پٽ سومر ڪلھوڙو، ارسلان ۽ احمد رضا ٻئي پٽ محمد بخش ڪلھوڙو ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور قمرالدين پٺاڻ سخت زخمي ٿي پيا، ڪار جي چيڀاٽجڻ جي نتيجي ۾ فوتي ۽ زخمي ڪار ۾ ڦاٿل رھيا. علائقي جي ماڻهن ۽ موٽر وي پوليس ڪٽر سان ڪار کي ڪٽي زخمين ۽ فوتي کي ڪار مان ٻاھر ڪڍي تعلقي اسپتال نيوسعيدآباد پھچايو، جتي ايمرجنسي لڳائي عملي کي گھرايو ويو، 4 زخمين کي طبي امداد ڏئي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي ڊرائيور ممتاز ڪلھوڙو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button