سنڌ

هائي ڪورٽ ۾ ميهڙ واقعي بابت شنوائي،سردار چانڊيو پيش نه ٿيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ ميهڙ واقعي ۾ سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جا نالا شامل ڪرڻ بابت دادو جي ماڊل ڪورٽ واري فيصلي کي چئلينج ڪرڻ ۽ ام رباب چانڊيو طرفان سردار خان چانڊيو جي ضمانت رد ڪرڻ وارين درخواستن تي شنوائي ٿي، جتي ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيل صلاح جڏهن ته برهان چانڊيو پنهنجي وڪيل سميت عدالت ۾ پيش ٿيو جتي عدالت سردار خان چانڊيو طرفان داخل درخواست تي کيس 13 جون تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي شنوائي 23 مئي تائين ملتوي ڪري کيس پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته ام رباب چانڊيو طرفان سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي ضمانت رد ڪرڻ بابت درخواست تي عدالت برهان خان چانڊيو جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ٻڌڻي 13 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي جيئن ماڊل ڪورٽ مان ضمانت رد ٿي ائين ئي اسين پر اميد آهيون ته ھاءِ ڪورٽ مان به سندن جي ضمانت رد ٿيندي ڇاڪاڻ هو ٽن معصوم جانين جا قاتلن آهن ۽ اڄ عدالت سردار خان چانڊيو جي درخواست تي شنوائي 23 مئي تائين ملتوي ڪري کيس پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ٻنهي ڀائرن جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست تي شنوائي 13 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي ايم پي اي برهان خان چانڊيو چيو ته عدليه مان پراميد آهيون ته اسان کي ضرور انصاف ملندو اڄ به اسان عدالت ۾ پيش ٿيا آهيون ۽ آئندہ به پيش ٿيندا رهنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button