سنڌ

چشما جهلم لنڪ ڪئنال کولڻ جي مذمت،بدين ۽ سجاول ۾ صورتحال سنگين آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر ھوائي اڏي تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته مرحوم حاجي انور خان مھر پارٽي جو قيمتي اثاثو ۽ منھنجو سٺو دوست ھو، مون کائنس سياست جي ميدان ۾ گھڻو ڪجھه سکيو. حاجي انور مھر اسيمبلي ۾ اوپننگ بيٽسمين ھو. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آھي. بدين ۽ سجاول ۾ پاڻي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪندي پئي وڃي. ھن چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ سکر بئراج جي ڪيل دوري جو ثمر مليو آھي. ھينئر پاڻي ڪجھه وڌيو آھي. ارسا پاران چشمه جهلم لنڪ ڪينال کولڻ واري فيصلي جي مذمت ڪيان ٿو. ھن چيو ته وفاقي حڪومت سان پاڻي واري مسئلي تي آئون ڳالھائيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button