سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ اين آئي سي وي ڊي جي گارڊن ۽ مريض جي وارثن ۾جهيڙو

لاڙڪاڻي جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ داخل مريضن جي وارثن ۽ سيڪيورٽي گارڊن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جتي ٺونشن، مڪن ۽ لتن جو استعمال ڪري ٻئي ڌريون هٿين پئجي ويون، جنهن تي اين آءِ وي سي ڊي جي عملي ون فائي مددگار بيس کي فون ڪري طلب ڪري ورتو. پوليس پهچي داخل مريض جي وارث زبير بروهي ۽ ٻين کي حراست ۾ وٺي سول لائين ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي اسپتال جي سيڪيورٽي انچارج لياقت علي گراماڻي ٻڌايو ته معمول موجب سيڪيورٽي گارڊ محمد ياسين ڀٽي ۽ ٻيا ڊيوٽي ڏئي رهيا هئا ته داخل مريض جي وارث زبير بروهي اچي ٻڌايو ته کيس پنهنجي مريض سان ملڻو آهي ان کي او پي ڊي هلڻ ڪري اسان انتظار ڪرڻ جو چيو، ان تي مڇرجي هن سيڪيورٽي گارڊن کي گارگند ڪري جهيڙو ڪيو. ھوڏانھن زبير بروهي الزام لڳائيندي چيو ته سيڪيورٽي گارڊ ٻين کي ڇڏي رهيو هو پر اسان کي منع ڪري ڇڏي، جنهن ڳالھه تان منهن ماري ڪئي آهي. سيڪيورٽي گارڊ اسان سان نازيبا ٻولي اختيار ڪئي، جنهن تي اسان خاموش نه ويهنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button