سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پيرسن عورت جو بااثر جي مبينا ڏاڍ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ ماهي شيخ جي رهواسين بااثرن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن عورت صاحبه شيخ پنهنجي پٽن منور، مختيار ۽ مجيد شيخ سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته ڳوٺ جي بااثر غلام نبي شيخ جڳهه ۽ پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪري ڳوٺ مان لڏائڻ چاهي ٿو جنهن پنهنجي ڀاءُ محمد خان شيخ، بابر شيخ ۽ ٻين سان گڏجي گذريل ڇنڇر ڏينهن گهر ۾ گهڙي حملو ڪري مون سميت منهنجي ڌيءَ ممتاز خاتون، پٽن مختيار ۽ مجيد کي زخمي ڪري گهر مان 50 هزار روڪ رقم، چار موبائيل فون، ٻه بئٽريون کڻي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي جنهن جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ تعلقي ٿاڻي وياسين جتي پوليس بااثر مائٽن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ بدران اسان تي ڪيس داخل ڪرائي پٽ غلام مصطفيٰ شيخ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري روڪ رقم، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي پٽ کي آزاد ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button