سنڌ

قمبر ۾ نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ پاڪستان فتح تحريڪ طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جي مختلف روڊن رستن بس اسٽينڊ کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن منور عباس، اعجاز احمد گاڏهي، سجاد چانڊيو ۽ خادم حسين مارفاڻي چيو ته محمد علي چانڊيو عرف احمد علي چانڊيو کي رات اونداهي ۾ گھر مان پوليس کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب سندس گهر ڀاتي سخت پريشان آهن. ھنن چيو ته محمد علي چانڊيو غريب پورھيت آهي، ھن جو ڪنھن به سياسي پارٽي سان ڪو واسطو نه آهي. ھنن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي محمد علي کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڀاڻي اربع ڏينهن قمبر ۾ شٽربند ۽ ڦيٿاروڪ هڙتال ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button