سنڌ سرڪار گرمي ۾ واڌ سبب وڻن جا ٻوٽا نه لڳائڻ وارين نئي ھائوسنگ اسڪيمز ۽ سوسائٽيز کي ماحولياتي اين او سي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ماحوليات واري صوبائي وزير اسماعيل راھو جي صدارت ۾ اھم اجلاس ٿي گذريو، جنھن ۾ ڊي جي سيپا نعيم مغل سميت ٻيا آفيسر به شريڪ ٿيا. اسماعيل راھو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت گرمي ۾ واڌ سبب وڻن جا ٻوٽا نه لڳائڻ وارين نئين سوسائٽيزکي ماحولياتي اين او سي نه ڏيندي، ڪراچي ۾ وڻن جا ٻوٽا پوکڻ وارين نئي سوسائٽيز کي ئي ماحولياتي اين اوسي ڏني ويندي. اسماعيل راھو ڊي جي سيپا کي ھدايت ڏيندي چيو ته گرمي ۾ واڌ جي پيش نظر صوبي ۾ رھائشي اسڪيمز لا وڻ لڳائڻ جي نئين پاليسي جوڙي وڃي، نئين رھائشي اسڪيمز کي پھريان گرين بيلٽ بڻائڻ لا زمين مختص ڪرڻي پوندي، جنھن کان پو تعميراتي ڪم جي اجازت ھوندي. ماحوليات واري وزير جو وڌيڪ چوڻ ھو ته وڻ ڪٽيندڙ مافياز خلاف به ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آھي،موسمياتي تبديلي جي ڪري پوري دنيا ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ ٿئي پئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close