سنڌ

اوٻاوڙو ۾ بدامني،پاڻي جي واري تي ويل نوجوان اغوا ٿي ويو

اوٻاوڙو ۾ بدامني وڌي وئي. ڳوٺ ڌڻي بخش ملڪ جو رهواسي نوجوان محمد قاسم ملڪ سونڻ شاخ وٽ پاڻي جي واري تي بيٺل هو ته نامعلوم هٿياربند کيس اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا. ان ڏس ۾ مغوي جي وارثن رحمت الله ملڪ ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جو نوجوان محمد قاسم ملڪ رات جو پنھنجي زرعي زمين ۾ پاڻي ڇڏڻ ويو ته اتان ڌاڙيل اغوا ڪري ويا. نوجوان صبح جو گهر نه آيو ته اسين زمين تي وياسين ته مغوي نوجوان جا جوتا ۽ ڪوڏر پاڻي ڇڏڻ واري ھنڌ پيل مليون. مغوي جي سئوٽ رحمت الله ملڪ وڌيڪ ٻڌايو ته رات دير سان پاڻي جي واري تان هٿياربندن اسان جي نوجوان کي اغوا ڪيو. اطلاع باوجود اوٻاوڙو پوليس موقعي تي نه پھتي آهي. اسان هٿياربندن جا پيرا کنيا جيڪي ڪچي طرف ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته مغوي نوجوان کي فوري طور تي بازياب ڪيو وڃي. ھوڏانھن مغوي جي وارثن اوٻاوڙو ٿاڻي تي اغوا رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button