سنڌ

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ٻٻرلو با پاس تي ڌرڻو

ٻٻرلوءِ با پاس تي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف رهواسين نٽهڻ اس ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج جي اڳواڻي سماجي اڳواڻ شائسته کوسو، احمد علي، سڪندر علي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي ھنن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، فصل سڙي تباهه ٿي رهيا آهن. پنجاب سدائين سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هنيا آهن پر افسوس آهي جو پيپلز پارٽي هميشه جيان هاڻي به پنهنجن جي مالڪي ڪرڻ بدران پنجاب جي ڪمداري ڪري رهي آهي. ھنن چيو ته سنڌ ۾ وونئڻن ۽ ٻين مختلف فصلن جي پوکائي وقت پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ کي ڪاپاري ڌڪ ھڻي سنڌ جي ماڻهن کي بک ۽ بدحالي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. ھنن چتاءُ ڏو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ڏنو ويو ته پنجاب طرف ويندڙ سڀ روڊ رستا بند ڪري سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ڌرڻي دوران سخت گرمي سبب هڪ عورت ڪارڪن راڻي بيهوش ٿي وئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڌرڻي سبب سوين گاڏيون بيهي ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button