سنڌ

چونڊ سڌارن تائين اليڪشن ۾ نه وينداسين:آصف زرداري

اڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري واضح ڪري ڇڏيو آهي ته چونڊ سڌارن تائين چونڊن ۾ نه وينداسين. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف علي زرداري چيو ته اسان چونڊن کان ڊڄڻ وارا ناهيون پر جلد چونڊون ڪرائڻ سان ڇا ٿي ويندو، مان اڳ چوندو هئس ته چونڊون ڪرايون وڃن پر منهنجي ڳالهه نه ٻڌي وئي، هاڻ جلد چونڊن سان ڇا ٿي ويندو، نواز شريف سان گذريل رات ڳالهه ٻولهه ٿي، مون کيس سمجهايو، اسان جو گڏيل فيصلو آهي ته جيستائين چونڊ سڌارا نه ٿيندا تيستائين چونڊن ۾ نه وينداسين، خواجا آصف جو بيان درست آهي پر سڌارن کانپوءِ چونڊون ٿينديون. اڳوڻي صدر چيو ته پهريان چونڊ سڌارا آڻينداسين ۽ نيب ۾ سڌارا آڻينداسين، ڪوشش ڪنداسين ته نيب جو غلط استعمال نه ٿئي، ان ۾ غير سياسي آفيسر هوندا، اوورسيز پاڪستانين کي هتي جي مسئلن جي خبر ناهي، کين قومي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽون ڏئي سگهون ٿا. آصف علي زرداري چيو ته عمران خان چوي ٿو ته مان نه ته پوءِ ڪير به نه، هو جلد چونڊون ڪرائي ڇا ڪري وٺندو، جيڪڏهن فوج غير سياسي آهي ته آرمي چيف جنرل باجوه کي سلام پيش ڪرڻ گهرجي يا وڙهڻ گهرجي، هڪ رانديگر ڪير ٿيندو آهي، ڪنهن کي مير جعفر ۽ مير صادق جو لقب ڏيڻ واور، سڄي معاملي ثابت ڪري ڇڏيو ته ادارا غير جانبدار رهي سگهن ٿا، ادارن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو پر انهن جي مدد به ڪئي وڃي، بي بي کي شهيد ڪري پاڪستان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان مشرف کي ڊڪٽيٽر چوندا هئاسين پر اسان انجي خلاف ڪا مهم نه هلائي.اڳوڻي صدر چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ بيوروڪريسي ۽ ملڪ تباهه ٿي ويو، اڄ 50 هزار پگهار کڻندڙ ماڻهو به مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسان کي پاڻ ئي مسئلا حل ڪرڻا آهن، پاڙيسري ملڪ سان واپار ڪري فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا، شهباز شريف جا سعودي عرب سان سٺا لاڳاپا آهن، واپاري برادري گڏ ويهي، ساڻن مشاورت ڪرڻ چاهيان ٿو. پرڏيهي سازش بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته هن آمريڪي ڌمڪي بابت خط نه پڙهيو آهي، عام طور تي آمريڪي سفير اهڙي ٻولي استعمال نه ڪندا آهن، پي ٽي آءِ اهو خط پاڻ ٺاهيو آهي، آمريڪي صدر بائيڊن منهنجو دوست آهي، جيڪڏهن اهڙي ڳالهه هجي ها ته مونکي فون ڪري ها. هن چيو ته مان عمران خان کي چوان ٿو ته هو سنڌ مان اليڪشن وڙهي، ڏسان ٿو کيس ڪيترا ووٽ ملن ٿا، اڳوڻي حڪومت جو مدو پورو نه ٿي رهيو هو، اها سڏڪي رهي هئي، اسان انکي کڻي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو. هن چيو ته عارف علوي ڏندن جو ڊاڪٽر آهي، کيس ڪهڙي خبر ته سياست ڇا آهي، اسان کيس ڊيل ڪري وٺنداسين، جمهوريت ۾ کٽڻ ۽ هارائڻ ٿيندو رهندو آهي، اسان کي ڪو خوف ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button