سنڌ

لاڙڪاڻي يوسي ٽو لائي جميل سومري جي برادر کي ٽڪيٽ ملي وئي

لاڙڪاڻي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊ چهچٽو تيز ٿي ويو. ان سلسلي ۾ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو جي وڏي ڀاءُ کي حيدري ٽائون جي يوسي 2 تي چيئرمين جي ٽڪيٽ ڏني وئي. ان موقعي تي يوسي 2 جي چيئرمين جي اميدوار منير احمد سومرو چيو آهي ته پ پ قيادت مون تي اعتماد ڪندي چيئرمين شپ جي ٽڪيٽ ڏني آهي. هن چيو ته حيدري ٽائون ۾ حڪومت ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ۽ جن به ماڻهن جي نالي يا گهٽي جي فرش بندي ٿيل ناهي ته اهي مون سان وابطو ڪن ته انهن جا مسئلا حل ڪرايا ويندا. هن چيو ته هن ڀيري به يوسي 2 جو عوام وڏي اڪثريت ۾ ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button