سنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو پورهيت جو پٽ جي مبينا قتل خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ صاحب خان ڪلهوڙو واسي پورهيت مبينا قتل ٿيل پٽ جي خون سان انصاف لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي پورهيت علي اڪبر ڪلهوڙو دانهيو ته گذريل جمعي تي منهنجو پٽ اسد الله گهران نڪتو، جنهن بعد ستين ميل ويجهو ڪور ڌاتو وٽ سندس لاش هٿ آيو، جنهن جي جسم تي تشدد جا نشان هئا. هن الزام لڳايو ته منهنجو پنهنجي سالن عبدالرسول ڪلهوڙو، عبدالڪريم، شمن، ڄاٽو جمن ڪلهوڙو، بچل ڪلهوڙو، اهلڪار مرتضى ڪلهوڙو سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي جن منهنجي گهر واري منور خاتون کي پاڻ وٽ رهائي ڌيءَ ڪائنات سان ملاقات ڪرڻ نٿا ڏين. خدشو آهي ته بااثر مائٽن پٽ کي قتل ڪيو آهي جيڪي واقعي کي روڊ حادثي جو رنگ ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري پٽ جو قتل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ماهي مڪول ٿاڻي تي ويس پر پوليس ڪيس داخل ڪرائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو جيڪا ناانصافي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته پٽ جو قتل ڪيس داخل ڪري قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button