سنڌ

ڳڙهي ياسين ۾ ڪارنهن تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان فوت

ڳڙهي ياسين ۾ ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ موهل ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي اسپتال ۾ دم ڏيئي ڇڏيو. خبر موجب 3 سال اڳ موهل برادري جي ٻن ڌرين صابر ۽ غلام شبير موهل ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان غلام شبير موهل جي ڌر صابر جي گهر مٿان حملو ڪندي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب صابر موهل جو نوجوان ڀاءُ جابر موهل سخت زخمي ٿي پيو هو، زخمي کي وارث ڪراچي اسپتال کڻائي ويا، جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي مقتول جي ڀاءُ صابر موهل چيو ته 3 سال اڳ شمشاد خاتون سان پرڻو ڪيو هو، جنهن تان هي واقعو پيش آيو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button