سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ گم ٿيل ذهني مريض نوجوان جي ڳولا ۾ مدد لائي اپيل

لاڙڪاڻي ويجهو خير محمد آريجا واسي نوجوان گم ٿيل ذهني مريض ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نوجوان غلام رسول کوکر دانهيو ته منهنجو 19 ورهين جو ذهني مريض ڀاءُ عبدالرحمٰن کوکر 15 ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو، جنهن کي خير محمد آريجا سميت آسپاس ڳوٺن ۽ مختلف شهرن ۾ ڳولا ئي ۽ حد جي ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو پر ان باوجود سندس ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو، جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي 15 ڏينهن کان سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪري گهر ڀاتين ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button