سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ استادن کي ڏورانهين علائقن ڏانهن بدلي ڪرڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ايسوسيئيشن ضلعي ۽ سپلا يونٽ ڊگري ڪاليج پاران 19 هين گريڊ ۾ پروموٽ ٿيل استادن جي پوسٽنگ ويڪنسي ھجڻ باوجود ساڳين جاين تي ڪرڻ بدران ڏورانھين علائقن ۾ موڪلڻ تي ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سپلا اڳواڻ پروفيسر ملھار سنڌي، پروفيسر مبين احمد لانگاهه، پروفيسر شھاب الدين مڱڻ، پروفيسر عمران علي سوڍر، پروفيسر سيد صدا حسين شاهه ۽ ٻين چيو ته ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ پاران 19 هين گريڊ ۾ پروموٽ ٿيل ڪاليجي استادن جي پوسٽنگ ۾ ناانصافي ڪئي آھي، سپلا جي مرڪزي اليڪشن تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ سپلا اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي پوسٽنگ ڏورانھين علائقن جي ڪاليجن ۾ ڪئي وئي آھي جيڪو عمل برداشت ڪرڻ کان ٻاھر آھي. هنن چيو ته سماج اندر رھنمائي وارو ڪردار ادا ڪندڙ پروفيسرن کي عتاب جو نشانو بڻائي روڊن تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو ته 18 هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ استادن جا پوسٽنگ آرڊر جاري ڪيا وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button