سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ سڄڻ سانگي جي رهواسين زرعي زمين تي مبينا قبضو ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻي محمد موسيٰ سانگي مائٽن در محمد سانگي، ڪرامت الله سانگي، غلام شبير سانگي، محمد مٺل سانگي، محمد حسن سانگي، ضمير مٺاڻي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي ويجهو ديهه نصرالله تپو دودائي ۾ اسان جي ساڍا 6 جريب زرعي زمين تي 15 سالن کان وٺي بااثر عبدالرحمٰن بڙدي، عبدالوهاب، محمد خان ، عثمان ۽ علي شير قبضو ڪري ڇڏيو آهي، اهڙيون شڪايتون ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي لاڙڪاڻي سميت ٻين عملدارن سان ڪيون آهن پر هن وقت تائين ڪو تدارڪ ناهي ڪيو ويو. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button