سنڌ

رتوديرو ۾ پورهيت طرفان قتل جي ڌمڪي ملڻ خلاف احتجاج

رتوديرو ويجهو ڳوٺ حاجي الهورايو مڱريو جي رهواسي پورهيت ڳوٺاڻي محمد صلاح مڱريو قتل جون ڌمڪيون ملڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي محمد صلاح مڱريو دانهيندي چيو ته سوٽن غلام ياسين، عبدالقيوم، شفيع محمد ۽ نياز مڱريو جو پنهنجي ذات وارن سان ڪارنهن تڪرار هلندڙ هو، جنهن جو بعد ۾ فيصلو ڪري هنن مٿان ڪارنهن ۽ ٻئي خرچ جا 12 لک ڏنڊ وڌو ويو. هن چيو ته مان پنهنجي سوٽن مٿان پيل ڏنڊ جي رقم جو ضامن پيل آهيان پر هاڻي منهنجا سوٽ اها ڏنڊ واري رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مان رقم گھري ته هنن مون کي منهنجي معصوم پٽ سميت قتل جون ڌمڪيون ڏنيون. مان اهڙي دانهن ٿاڻي نبي شاه وڳڻ تي ڏني پر پوليس ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي. هن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته سوٽن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button