سنڌ

ايڊيشنل ججن جي مقرري سنڌ ڊوميسائيل تي ڪئي وڃي:راشد محمود

جمعيت علماءِ اسلام صوبه سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻين صوبن جي ججن جي مقرري جي مخالفت ڪريون ٿا. ان چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻين صوبن جي ايڊهاڪ ججن کي غير منصفاڻي طور مقرر ڪرڻ غيرقانوني عمل آهي. مولانا راشد محمود سومرو ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ لاءِ ايڊيشنل ججن جي مقرري سنڌ جي ڊوميسائيل تي ڪئي وڃي. هن چيو ته ٻين صوبن ۽ آزاد ڪشمير جي ججن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ويندي، سپريم جڊيشل ڪائونسل، چيف جسٽس ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڊيشنل ججن جي مقرري جو نوٽيس وٺن. هن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ مقامي ججن ۽ سينيئر وڪيلن کي ميرٽ تي مقرر ڪيو وڃي. من پسند ۽ ٻين صوبن جي ايڊهاڪ ججن جي مقرري ڪنهن به صورت قبول نه ڪئي ويندي. سنڌ بار ڪائونسل کي به نوٽيس وٺڻ گهرجي، وڪيل جيڪڏهن احتجاج يا تحريڪ هلائين ته جي يو آءِ انهن سان گڏ هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button