سنڌ

پڊعيدن جي چيهو شاخ ۾ 6 مهينن کان پاڻي بند هجڻ خلاف ريلي

پڊعيدن سب ڊويزن جي نصرت ڪئنال جي چيھو شاخ ۾ 6 مھينن کان پاڻي بند هجڻ خلاف آبادگارن بس چوڪ کان ريلي ڪڍي نصرت ڪينال پل وٽ مظاهرو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي شفيق ميان راڄپر، افتخار سيال، حافظ غلام مصطفى، قاري عبدالحق، حاجي خان بروهي ۽ ٻين چيو ته پاڻي جي شديد کوٽ ۽ پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ سبب 11 هزار ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آهي. چيھو شاخ ۾ پاڻي جي اڻھوند سبب پھرين واٽر ڪورس کان ستين واٽر ڪورس تائين وونئڻن جي پوکائي نه ٿي سگھي آھي. ڪمند جو فصل سڪي سڙي تباهه ٿي ويو آھي. چيھو شاخ ۾ 6 مھينن کان زرعي پاڻي بند ھئڻ ۽ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ جي نتيجي ۾ جتي فصلن جي پوکائي لا پاڻي ناھي ته اتي چوپائي مال ۽ ٻين جانورن لا به پاڻي ناهي. ڏڪار جھڙيون حالتون ٿي ويون آھن. چوپايو مال مري رهيو آھي. پکين لا به پاڻي ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button