سنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو ٻلهڙا واسي نوجوان بازياب نه ٿيو، وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ فتي بلاول ٻلھڙا جو رھواسي مبينا اغوا ٿيل ڳوٺاڻو محمد حسن ملھو ابڙو 20 ڏينهن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود به ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد نه ٿي سگهيو. ان موقعي تي مغوي محمد حسن ملھو ابڙو جي ڀيڻ امام زادي ملھو ابڙو، ڀاءُ امام الدين ملھو ابڙو ۽ دانهيندي چيو ته اسان جو نوجوان محمد حسن ملھو ابڙو 21 رمضان تي گھران نڪتو، جيڪو ھوٽل تي بيرا گيري ڪندو ھو، ٽن ڏينهن کانپوءِ ڌاڙيلن فون ڪري سندس اغوا جي تصديق ڪندي آزادي لاءِ 20 لک ڀنگ طلب ڪئي. ھنن الزام لڳايو ته اغوا کان ڪجهه ڏينهن اڳ اسان کان علائقي جي بدنام ڏوھاري سينگار علي ٻلھڙو ڀتو طلب ڪيو هو، جيڪو نه ڏيڻ تي سنگين نتيجن ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون. ھنن چيو ته اھو تاثر غلط آھي ته مغوي محمد حسن ملھو ابڙو عورتاڻي آواز تي ھرکجي نڪتو آهي. ھو 6 ٻارڙن جو پيءُ آهي ۽ ڪافي وقت کان وٺي گردن جي مرض ۾ مبتلا آھي، جنھن جي زندگي کي خطرو آهي. ھنن ڊي آءِ جي، ايس ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مغوي محمد حسن ملھو ابڙو کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button