لاڙڪاڻي ۾ بجلي لوڊشيڊنگ خلاف رواداري تحريڪ جي ڪارڪنن هٿن ۾ تئو کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مينهل آباد واسي نوجوان سليم شيخ دانهيو ته مينهل آباد، خالق ڪالوني، الهه آباد، ماڇي ڳوٺ، انور ڪالوني، کوسا گهٽي سميت ٻين علائقن ۾ بجلي جي 11 هزار وولٽيج جون تارون لاهڻ ۽ بجلي لوڊشيڊنگ ڪري لاڙڪاڻي واسي سخت مصيبتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، خاص طور مينهل آباد پاڙي ۾ بجلي جو نالو ۽ نشان ناهي. هن الزام لڳايو ته سيپڪو عملو بجلي لاءِ رشوت گهري رهيو آهي مسلسل بجلي نه هئڻ ۽ گرمي ڪري خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهي، علائقي ۾ مليريا، خارش، الٽيون ۽ ٻين بيمارين منهن ڪڍيو آهي شڪايتن باوجود سيپڪو عملدار مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ تيار ناهن. هن مطالبو ڪيو ته بجلي جون تارون لڳائي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close