لاڙڪاڻي جر پراڻي بس اسٽينڊ واري علائقي جي رهواسي کدڙي فقير بااثر ساٿي کدڙي فقير جي مبينا ڏاڍاين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مرڪ فقير دانهيندي چيو ته ڀتو ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي بااثر رشنا فقير عرف راشد پاڻ سان گڏ 10 ساٿي وٺي گهر ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪري تشدد ڪرڻ بعد وار ڪوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر مان گهر جي ڀت ٽپي پاڙي جي گهر ۾ پناهه ورتي. اهڙي دانهن ڏيڻ باوجود پوليس بااثر کدڙي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي، جنهن مان مونکي جان جو خطرو آهي. هن الزام لڳايو ته رشنا فقير ۽ سندس ساٿي گهر مان ڏيڍ تولو سونا زيور، 40 هزار روڪ، چار دهل ۽ هزارين روپين جو هار سينگار جو سامان کڻي ويا آهن. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر رشنا کدري خلاف ڪارروائي ڪري ڦر ڪيل سامان واپس ڏياري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي. هوڏانهن ڪمشنر گهنور خان لغاري پريس ڪلب ايندي احتجاج ڪندڙ کدڙي فقير مرڪ فقير کان معلومات ورتي ۽ کيس مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي اڄ اڱاري ڏينهن ڪمشنر آفيس ۾ اچڻ جو چيو، جنهن بعد هن احتجاج ختم ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close