گهوٽڪي ۾ ڪڻڪ جو سرڪاري هدف پورو نه ٿيڻ تي خوراڪ کاتي جي فوڊ ڪنٽرولر اختر بوزدار ۽ ٻين اسسٽنٽ ڪمشنر ڏهرڪي شهريار قمر روينيو شهر جي مختلف گودامن فائيو اسٽار جي مالڪ سيٺ ستيوان، سيٺ آتم داس، سيٺ مهيش ڪمار سميت ٻين گودامن تي ڇاپا هڻي واپارين پاران زخيرو ڪيل ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون هٿ ڪري 5 کان مٿي گودامن کي سيل ڪري ڇڏيو، جنهن کانپو گودامن ۾ پيل سرڪاري ڪڻڪ تحويل ۾ وٺي ڪڻڪ جي رقم واپارين کي ادا ڪئي وئي. ان موقعي تي فوڊ ڪنٽرولر ۽ اسسٽنٽ فوڊ ڪنٽولر اڪبر راهڙ، اسسٽنٽ ڪمشنر شهريار قمر ٻڌايو ته گهوٽڪي ۾ ڪڻڪ جو سرڪاري هدف مڪمل نه ٿيو آهي. سنڌ حڪومت جي حڪم تي حدف مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ زخيرو ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ مختلف ڪڻڪ جي گودامن تي ڇاپا هڻي هزارين مڻ ڪڻڪ حاصل ڪئي آهي. حدف مڪمل ٿيڻ تائين ڪڻڪ زخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر ڪڻڪ زخيرو ڪندڙ واپارين کي رڪارڊ سميت اڄ پنهنجي آفيس طلب ڪري ورتو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close