سنڌ

رتوديرو ۾ فوڊ کاتي جا ڇاپا، 20 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ ڪرڻ جي دعوى

رتوديرو ۾ فوڊ کاتي پاران ذخيرو ڪيل ڪڻڪ هٿ ڪرڻ لاءِ ڪارروايون جاري آهن. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ لاڙڪاڻو قريب الله سومرو ، ڊپٽي فوڊ ڪنٽرولر وشنداس ۽ فوڊ انسپيڪٽر صفدر علي کوکر ٽيم سان گڏ رتوديرو جي لال رائيس مل، سبحان الله رائيس مل، الرحمٰن رائيس مل ۽ محمدي رائيس مل تي ڇاپا هڻي 20 هزار ذخيرو ڪيل ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ قريب الله سومرو چيو ته چئن رائيس ملز تي ڇاپا هڻي ذخيرو ڪيل ڪڻڪ جون 20 هزار ٻوريون هٿ ڪيون آهن. هن چيو ته ضلعي لاڙڪاڻي جو ٽارگيٽ 11 لک ڪڻڪ جون ٻوريون آهن جنهن مان اڌ ٽارگيٽ پورو ڪيو آهي، جيسيتائين اسان جو ٽارگيٽ پورو نه ٿيندو تيسيتائين ڪارروايون جاري رهنديون ۽ جيڪو به مزاحمت ڪندو اها رائيس مل يا ڪڻڪ جو گودام سيل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button