اوٻاوڙو ڀرسان رانوتي ٿاڻي جي حد بيا مان لال ڀيو جو رھواسي عارف عرف ٻوڙو مهر ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويو. رانوتي پوليس ماڇڪو ٿاڻي جي حد ڄاڻائي مغوي کي بازياب ڪرائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن مغوي جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي. ان ڏس ۾ مغوي جي وارثن پنھل مھر، پرويز احمد ۽ ٻين چيو ته مغوي پنھنجو گذر سفر ڪرڻ لا ڪرائي تي موٽرسائيڪل هلائيندو هو، جيڪو سواري ڇڏي واپس اچي رهيو هو ته هٿياربندن رستي مان اغوا ڪري ورتو. رانوتي پوليس ماڇڪو ٿاڻي جي حد ڄاڻائي مغوي بازياب ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي گھر ۾ ماتم متل آھي. هنن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ اعلى اختيارين کي اپيل ڪئي ته اسان جو نوجوان جلد بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close