سنڌ

سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪال جا مسئلا آهن:ناصر شاهه

سنڌ جي مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ ورلڊ بينڪ جي آفيسرن سان گڏ هڪ اهم اجلاس اڄ مڪاني کاتي سنڌ جي آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ورلڊ بينڪ جي واٽر ۽ سينيٽيشن جي پراجيڪٽ جي آفيسرن ۾ Josses Mugabi ۽ ٻيا سينيئر آفيسر شامل هئا. اجلاس ۾ مڪاني کاتي وارو سيڪريٽري نجم شاهه، اسپيشل سيڪريٽري مڪاني محمد عثمان معظم، سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سنڌ اختر حسين بگٽي. ڪراچي واٽر سيوريج سسٽينيبلٽي امپرومينٽ (KWSSIP) جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سيد صلاح الدين احمد ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا. اجلاس ۾ مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪال جي نظام جا مسئلا درپيش آهن، جڏهن ته زمين هيٺ پاڻي جي وڌيڪ استعمال جي ڪري پڻ ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، سنڌ حڪومت عالمي اداره صحت جي پيمانن جي مطابق پنهنجي عوام کي سهولتون خاص طور تي پيئڻ جو صاف پاڻي جي فراهمي، سيوريج جي پاڻي جي نيڪال ۽ ان جي مفيد استعمال جي منصوبن تي ڪم لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. سنڌ حڪومت پنهنجي منصوبن لاءِ ورلڊ بينڪ جي مالي معاونت ۽ ان جي ماهرن جي تجربي سان استعمال ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن اسان پنهنجي منصوبن کي عوام جي مفاد ۽ ماحولياتي نقطه نظر کان وڌيڪ مفيد ۽ قابل عمل بڻائي سگهون. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي شهر ڪراچي کي پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ شهر ۾ نيڪال جي نظام جي منصوبن ۾ ورلڊ بينڪ جي سهڪار کي وڌائڻ تي تجويزن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ شهر ۾ ڊي سيلينشن پلانٽ جي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي جي تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ گهرن جي ضرورتن مطابق پيئڻ جي صاف پاڻي، سيوريج ۽ ڊسيلينيشن پلانٽس جي ضرورت وڌي رهي آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. صوبائي وزير پاڻي ۽ صفائي جي مسئلن جي حل لاءِ ورلڊ بينڪ ۽ (ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي) جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ٽيم جي تعاون کي ساراهيو. اجلاس ۾ عالمي بئنڪ جي نمائندن پاران عالمي بئنڪ جي تعاون سان پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ به هلندڙ منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ سنڌ ۾ پڻ قابل عمل منصوبن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ تجويزن جي مٽاسٽا تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪال جي معاملن ۾ تعاون جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button