وزيراعظم شهبازشريف سنڌ جي وڏي وزير سان بولٽن مارڪيٽ ڌماڪي تي افسوس جو اظهار ڪندي هر ممڪن مدد جي آڇ ڪري ڇڏي تفصيل مطابق وزيراعطم شهبازشريف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ بولٽن مارڪيٽ ڌماڪي جي حوالي سان افسوس جو اظهار ڪيو، وزيراعظم دهشتگردن جي خلاف ڪريڪ ڊائون تي ڄاڻ ورتي. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت سخت قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم وڏي وزير سان ڳالهائيندي چيو ته وفاق کان جيڪا به مدد گهرجي حاضر آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم شهبازشريف جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته دهشتگردي جو مقابلو اتحاد ۽ ٻڌي سان ڪري سگهجي ٿو. ياد رهي ته وزيراعطم شهبازشريف ڪراچي ايم اي جناح روڊ تي بولٽن مارڪيٽ ويجهو ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪندي ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. وزيراعظم وڏي وزير کي زخمين کي بهترين طبي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close