سنڌ

آ جي سنڌ مشتاق مهر کي عهدي تان هٽايو ويو،ڪامران فضل مقرر

مشتاق مهر کي آ جي سنڌ جي عهدي تان هٽايو ويو. ڪامران فضل وقتي آ جي مقرر ڪيو ويو، انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ جي عهدي تان مشتاق احمد مهر کي هٽايو ويو آهي ۽ هاڻي ان جي جاءِ تي پوليس سروس آف پاڪستان جي گريڊ 21 جي سينيئر آفيسر ڪامران فضل کي انسپيڪٽر جنرل پوليس جي عهدي جي چارج ڏني وئي آهي. پاڪستان حڪومت جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪشن آفيسر جي جاري ڪيل حڪمن مطابق پوليس سروس آف پاڪستان جي گريڊ 22 جي سينيئر آفيسر مشتاق احمد مهر کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ذريعن موجب سينيئر پوليس آفيسر محسن بٽ کي انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت ايڊيشنل آئي جي ڊاڪٽر ڪامران فضل کي آ جي سنڌ جي اضافي چارج ڏئي ڇڏي آهي وقتي آ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪامران فضل 14 جولاءِ 2022 تي رٽائرڊ ٿي ويندو. واضح رهي ته مشتاق مهر کي وفاقي ڪابينا جي منظوري کان پوءِ 28 فيبروري 2020 ۾آ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button