سنڌ

نئون ڪوٽ ۾ بجلي ڪاٽڻ خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو

نئون ڪوٽ ۾ گنج بخش ڪالوني جي بجلي ڪاٽڻ خلاف گنج بخش ڪالوني جي رهواسين حيسڪو عملي خلاف نئون ڪوٽ ميرپورخاص مين روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته لکين روپين جا ڊٽيڪشن بل اماڻي اسان کي حيسڪو جو قرضي ڄاڻاڻي سڄي ڪالوني جي بجلي ڪاٽڻ سبب تنگ ٿي ويا آهيون. مذڪورهھ ڪالوني ۾ اڪثر ليبر، مزودر طبقو رھي ٿو، حيسڪو جا لائين مين لکين رپين جي منٿلي عيوض ڪنڊيون لڳائي بجلي چوري ڪرائي ۽ اسان ميٽر مان بجلي ٻاريندڙ صارفين مٿان اضافي يونٽ لڳائي رھيا آهن. اسان اٽي لا پريشان آهيون ڳرا بل نٿا ڀري سگھون. گنج بخش ڪالوني جي بجلي بحال نه ٿي ته ٻيھر احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button