سنڌ

لاڙڪاڻي پوليس جي نوجوان کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعوى

لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ گذريل رات ثريه پڌر ۾ نئون ديرو واسي نوجوان منصور پٽ منظور فقير ميراڻي کي قتل ڪندڙ جوابدار کي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪري ڇڏي. پوليس ترجمان موجب گذريل رات هندو واپاري جي دڪان تي ڪم ڪندڙ 22 ورهين جي نوجوان منصور ميراڻي کي قتل ڪندڙ جوابدار ٻگن عرف ببلو پٽ بشير احمد ڪلهوڙو کي پسٽل سميت سڪندر ڪالوني مان ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو آهي، جنهن مٿان مقتول جي ڀاءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد کيس اڄ عدالت سڳوري ۾ پيش ڪيو ويندو. گرفتار بگن عرف ببلو ڪلهوڙو پوليس آڏو اعتراف ڪندي چيو ته منهن ماري ٿيڻ تان نوجوان منصور ميراڻي کي قتل ڪيو هو. جڏهن ته مقتول جي ڀاءُ بخت علي ميراڻي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي. پوليس ترجمان مطابق ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ جي حڪم تي بلائنڊ قتل ڪيس کي حل ڪرڻ لا ڊي ايس پي حيدري اسدالله ڀٽي ۽ ايس ايچ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي تي مشتمل جاچ ٽيم 12 ڪلاڪن اندر ئي ڪيس کي حل ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button