سنڌ

بلوچستان جي علائقي کچي بولان ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، 3 ڄڻا قتل

بلوچستان جي کچي بولان واري علائقي ۾ رند ذات جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڌر جا 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، جن ۾ نوجوان جان محمد رند، جعفر رند ۽ عنايت الله رند شامل آهن، جڏهن ته مير حسن رند زخمي ٿي پيو، جڏهن ته زخمي نوجوان کي سندس وارثن کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران زخمي نوجوان جو علاج هلندڙ آهي. ان موقعي تي مقتول ڳوٺاڻن جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته واقعو پراڻي دشمني تحت پيش آيو آهي، جنهن ۾ اسان جا 3 ماڻهو قتل ۽ هڪ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو آهي، جنهن کي اسان کڻائي علاج اسپتال آندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button