سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڦر مزاحمت دوران گوليون هڻي زخمي ڪيل نوجوان فوت

لاڙڪاڻو شهر اندر چوريون ڦرون ٿيڻ کان پوءِ هاڻي نوجوان گولين جو کاڄ بڻجڻ لڳا جنهن سبب شهر ٻيهر ڏوهارين جي نشاني تي اچي ويو. خبر موجب گذريل رات وچ شهر ائمپائر روڊ تي نوجوان کان موبائيل ۽ روڪ رقم ڦر جي واردات کانپوءِ ڦورن پٺيان وڃڻ تي ڦورن جي فائرنگ ۾ نوجوان عبدالقادر ٻرڙو زخمي ٿي پيو جنهن کي اتي موجود شهرين رڪشا ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال پهچايو، جتي هن علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. واقعي بابت حد جي پوليس جو چوڻ آهي ته دڙي ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين عبدالقادر کان موبائيل ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي، جنهن کانپو متاثر نوجوان ڏوهارين جو پيڇو ڪيو جنهن تي ڏوهارين امپائر روڊ تي مٿس فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ نوجوان عبدالقادر گوليون لڳڻ سبب اسپتال ۾ دم ڏيئي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button