سنڌ

اورينج لائن جي شروعات جلد ٿيڻ واري آهي: شرجيل ميمڻ

سڌ سماءَ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شهرين جي لاءِ خوشخبري آهي ته عبدالستار ايڌي (اورينج لائن) جي شروعات جو وقت ويجهو اچي ويو آهي. عبدالستار ايڌي (اورينج لائن) جي 20 بسن جي فليٽ گذريل رات ڪراچي بندرگاهه کان ڪليئر ٿي ڊيپو پهچي وئي آهي. صوبائي وزير چيو ته اورينج لائن روٽ جو سول انفراسٽرڪچر جو ڪم 97 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي. روٽ تي آئي ٽي ايس سسٽم جي انسٽاليشن ۽ بس ڊرائيورن جي تربيت بعد جلد اورينج لائن جي شروعات ڪئي ويندي. اورينج لائن ڪوريڊور اورنگي، بنارس ۽ نارٿ ناظم آباد ۽ آس پاس جي شهرين کي محفوظ ۽ آرامده سفري سهولت ملي ويندي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اورينج لائن بسن جو 3 ڏهائي 88 ڪلوميٽر ڪوريڊور آهي، جيڪو ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشن آفيس (اورنگي ٽائون) کان شروع ٿي ڪري فاطمہ جناح يونيورسٽي ناظم آباد تي ختم ٿئي ٿو. ڪوريڊور تي چار جديد سهولتن سان آراسته اسٽيشن تعمير ڪيا ويا آهن. روزانو 50 هزار مسافرن جو اندازو لڳايو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اورينج لائن کي گرين لائن سان ملائڻ لاءِ پڻ حڪم جاري ڪيا ويا آهن. سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني انٽيگريشن جي ڊيزائن تي ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ٻنهي بي آر ٽي جي انٽيگريشن کان پوءِ اورينج لائن بسون ناگن چورنگي تائين هلنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button