سنڌ

ٿرڙي محبت ۾ جهيڙي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ٿرڙي محبت ۾ ٽي ڏينهن اڳ ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل پورهيت امين کوکر جي حالت نازڪ هجڻ سبب ڊاڪٽرن لاڙڪاڻي کان ڪراچي ريفر ڪري ڇڏيو. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف زخمي پورهيت جي وارثن پوليس خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پريل کوکر، منظور کوکر، رياست کوکر، وحيد کوکر ۽ معصوم پٽن سينگار کوکر، مبارڪ کوکر ۽ ٻين چيو ته علي گوهر سولنگي واري ڌر ٽي ڏينهن اڳ اڳرائي ڪري حملو ڪيو، جنهن ڪري اسان جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ امين کوکر انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آهي، کيس لاڙڪاڻي کان ڪراچي علاج لاءِ نيو پيو وڃي. واقعي جي اين سي به ٿرڙي ٿاڻي تي داخل ڪرائي پر پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button