سنڌ

باگڙجي ڀرسان ڪچي ۾ هٿياربندن هٿان ڌنار قتل

باگڙجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد پناهه جتوئي ۾ هٿياربندن حملو ڪري 18 سالن جي نوجوان ڌنار رياض احمد جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. اطلاع تي مقتول نوجوان جي وارثن پھچي باگڙجي پوليس کي اطلاع ڪيو. پوليس جي نه پھچڻ تي ٻن ڪلاڪن کانپو مقتول نوجوان جا وارث لاش کڻائي باگڙجي ٿاڻي پھتا. ان سلسلي ۾ مقتول نوجوان جي وارثن ڀليڏنو ۽ ماھي خان جتوئي جو چوڻ هو ته گهر ۾ شادي هئي ۽ رياض احمد مال چارڻ ڪچي طرف ويو هو جتي اڳ ئي تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن گوليون هڻي کيس قتل ڪري فرار ٿي ويا ۽ اسان کي قتل ڪرڻ جو اطلاع ڏنو. جوابدار ڌر سان تڪرار هلندڙ آهي. ھنن چيو ته اسان پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي. ڪيترائي ڪلاڪ گذري ويا آهن پوليس نه جوابدارن جو پيڇو ڪيو آهي نه ئي پوسٽ مارٽم پئي ڪرائي. هنن چيو ته پوليس جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻيل آهي، جنھنڪري پوسٽ مارٽم ۽ ڪيس به داخل نه پئي ڪري. هنن چيو ته پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ته عدالت ۾ وينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button