سنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ مارڪيٽ ڪميٽي ملازمن جو پگهار نه ملڻ خلاف احتجاج

ٽنڊوالهيار ۾ مارڪيٽ ڪميٽي جي ملازمن پگهارون بند هئڻ ڪري سراپا احتجاج بڻيل آهن، ملازمن ٻن مهينن کان ايڊمنسٽريٽر نه هئڻ ڪري پگهارون بند هجڻ خلاف ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ملازمن ياسر لغاري، پير بخش ميرجت، اعجاز لغاري، جاويد سومرو ۽ ٻين چيو ته اسان گذريل عيد به فاقاڪشي تي گذاري آهي، اسڪول مان ٻارڙن جون داخلائون ختم ڪيون پيون وڃن، اسان ڪرائي جي گهرن ۾ رهون ٿا، پگهارون بند هئڻ ڪري ڪرايو نه ڏيڻ تي گهر مالڪن پاران گهر خالي ڪرائڻ جي وارننگ ڏني وئي آهي. هنن چيو ته ڪير به ٻڌڻ لا تيار نه آهي، جلد از جلد مارڪيٽ ڪميٽي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ٻچن کي دربدر ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button