سنڌ

نوشهروفيروز ڀرسان عورت جو گهر مان لاش مليو،مڙس تي قتل جو الزام

نوشهروفيروز ڀرسان عورت جو گهر مان لاش مليو، مڙس خودڪشي ۽ پي ۽ ما قتل جو الزام هڻي ڇڏيو. خبر موجب نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ حاجي سائين رکيو چانڊيو ۾ 23 سالن جي سيمان زال سعيد چانڊيو جو لاش سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ آندو ويو. عورت جي مڙس چيو ته منهنجي زال گهرو اڻبڻت تان پنهنجي ڳچي ۾ رئو وجهي ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي. ٻئي طرف سول اسپتال ۾ پيل لاش مٿان احتجاج ڪندي عورت جي پيءُ خادم حسين، ماءُ مهتاب ۽ ڏاڏو ممتاز علي چانڊيو صحافين اڳيان دانهيو ته اسان جي نياڻي 3 سال اڳ سعيد چانڊيو سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ڪوبه اولا ناهي. اسان جي نياڻي سيمان کي سندس مڙس سعيد پنهنجي پهرين زال مائي پٺاڻي، نثار چانڊيو ۽ عمران چانڊيون سان ملي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ کانپو ڳچي ۾ رئو وجهي ڦاهو ڏئي خودڪشي جو ڊامو ڪيو آهي. هنن چيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button