سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پورهيتن جو فليٽ نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ اپر سنڌ رائيس فيڪٽريز ورڪرز يونين سي بي اي جي سڏ تي مزدورن لاءِ حڪومت پاران ٺهرايل فليٽ نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن مرتضيٰ ڪورائي، معشوق ڪورائي، حاجن شيخ، احسان جاگيراڻي، علي شير بروهي، علي گوهر ڪورائي ۽ ٻين دانهيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو پنهنجي دور حڪومت ۾ لاڙڪاڻي جي پورهيتن لاءِ جيل روڊ ليبر ڪالوني لڳ فليٽ ٺاهڻ جو سنگ بنياد رکيو، جنهن کانپوءِ هن وقت اهي 96 فليٽ ٺهي تيار ٿي چڪا آهن. هنن الزام لڳايو ته سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر زاهد هڪڙو اسان مزدورن کان في فليٽ ڏيڻ عيوض 250 لک روپيا طلب ڪري رهيو آهي، جڏهن ته هن ڪيترائي فليٽ من پسند ماڻهن حوالي ڪيا آهن. هنن چيو ته هن وقت مهانگائي جي دور ۾ اسان پورهيت گهرڀاتين جو پيٽ مشڪل سان پاليون ٿا پر تنهن باوجود حڪومت طرفان مقرر ڪيل في فليٽ جي رقم 350 لک ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر ڊپٽي ڊائريڪٽر زاهد هڪڙو اسان کان وڌيڪ اڍائي لک طلب ڪري رهيو آهي. هنن بلاول ڀٽو، وڏي وزير سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي عهدي تان هٽائي اسان کي فليٽ ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button