لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ لعل بخش بگٽي جي رهواسڻ عورت گهرڀاتين سان گڏجي ساهرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. عورت حليمان بگٽي پنهنجي پيرسن ما زرينه خاتون، چاچي محمد رحيم بگٽي، ڀائرن امجد، گدا حسين بگٽي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته 7 مهينا اڳ مڙس وسيم راجا جتوئي، سهري مختيار جتوئي ۽ نڻان بينظير خاتون مونکان معصوم ڌيءُ مهوش کسڻ بعد بيگناهه گهران ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن بعد مان سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، درخواست داخل ٿيڻ بعد مڙس ۽ سهري ڪجهه معزز ماڻهن کي وچ ۾ آڻي مون کي پرچائي گهر وٺي ويا. ڪجهھ ڏينهن گهر ۾ رهائڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر هنن مون کي ڌيءُ مهوش کان الڳ ڪندي مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، مڙس ۽ سهرو خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مڙس، سهري خلاف ڪاروائي ڪري نياڻي واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close