سنڌ

ڏوڪري ۾ درزڪو ڪم ڪندڙ نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

ڏوڪري ۾ ٿهيم پاڙي جي رهواسي 18 ورهين جي نوجوان درزڪو ڪم ڪندڙ حبدار ٿهيم گهر ۾ پاڻ کي ڦاهو ڏيئي آپگهات ڪري ڇڏيو. نوجوان جي صدمي ۾ سندس ماءُ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا. هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته نوجوان پسند جي شادي نه ٿيڻ سبب خودڪشي ڪئي آهي، ڏوڪري پوليس موجب وارثن ٻڌايو آهي ته نوجوان جو دماغي توازن درست نه هو، جنهن ڪري هن اهڙو قدم کنيو آهي. نوجوان جي مڙهه کي کوکر قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button