سنڌ

سڪرنڊ ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي،ڊرائيور سميت 3 ڄڻا فوت،28 مسافر زخمي

سڪرنڊ ويجهو مهراڻ ها وي تي رات دير سان ڪراچي کان ٺل ويندڙ السيف ڪوچ ڪنب ليمان ڀرسان زيرو پوائنٽ تي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوتين ۾ ڪوچ ڊرائيور 35 سالن جو برڪت علي پٽ بهادر خان نوناري، 30 سالن جو ڪلينر عابد پٽ بني خان نوناري ويٺل ٺل ۽ هڪ 55 سالن جو نامعلوم شخص شامل آهي. جڏهن ته 8 سال جي معصوم نياڻي ختيجه ڌي غلام قادر بنگلاڻي سخت زخمي ٿي پئي. عورتن ۾ مومل ٻرڙو، سڪينه بنگلاڻي، زرينه ماڇي، پروينه بنگلاڻي، حاجران، رابعه، سائره ۽ زبيره، مردن ۾ عبيد پنهيار، عبدالغفور نوناري، طاهر ٻرڙو، امام بخش ٻرڙو، عبدالغفور نوناري، عارف انصاري، محمد صديق ماڇي، الهه ورايو نوناري، محمد فقير جمالي، رضا محمد ٻرڙو، وقار حسين مغل، وقار ميتلو، سليم خان چنا، نصير احمد چنا، عبدالوحيد ميتلو، برڪت ميتلو، فاروق جمالي، اورنگزيب، خليل ميراڻي، غلام محمد بنگلاڻي ۽ ٻيا شامل آهن. زخمين کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button