لاڙڪاڻي جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني وڳڻ هوٽل ويجهو شادي تقريب دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 3 ٻارڙا 6 ورهين جو ثناءَ الله پٽ بشير مگسي، سندس سئوٽ يار محمد پٽ محمد فضل مگسي ۽ 5 ورهين جو ٻار شرف پٽ محمد يامين چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو. ان موقعي تي زخمين جي وارثن ٻڌايو ته پاڙي ۾ مغيري ذات جي نوجوان جي شادي هئي، جتي علي گل چانڊيو نالي همراهه فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب اسان جا ٽي ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال داخل ڪرايو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فائرنگ ڪندڙ همراهه کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي. ان حوالي سان رحمت پور پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي اطلاع تي پهچي فائرنگ ڪندڙ علي گل چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن کان جاچ جاري آهي، جلد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون. ٻئي طرف آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close