لاڙڪاڻو تعليم کاتي ۾ 13 سال اڳ پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اميدوارن نظير احمد ڀٽو، آفتاب احمد منگي، علي ڏنو گاد، محمد عاقل جتوئي، غلام شبير چنا، امجد بليدي ۽ ٻين دانهيو ته اسان 2009ع دوران سنڌ يونيورسٽي جي نگراني ۾ لکت ٽيسٽ پاس ڪري 60 کان 85 سيڪڙو مارڪون کنيون پر سازش تحت ميرٽ لسٽون تبديل ڪري اسان جا نالا ويٽنگ لسٽ تي رکي نااهل ۽ من پسند ماڻهن کي پئسن عيوض پي ايس ٽي جا آرڊر ڏئي اسان جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو جنهن عمل ڪري گذريل 12 سالن کان اسان سراپا احتجاج آهيون پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. هنن وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر جاري ڪري روزگار ڏئي انصاف ڪيو وڃي. ٻي صورت ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ جو بائيڪاٽ ڪرڻ سان گڏ ووٽ نه ڏيڻ لاءِ مهم هلائي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close