ميان صاحب ويجھو ڳوٺ امير بخش ڪلر جي ڳوٺاڻن ممتاز ڪلر، مبارڪ ڪلر، دوست محمد ڪلر،منير ڪلر، شاھنواز ڪلر ۽ ٻين ميان صاحب پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ھنن دانهيندي چيو ته پنج ڏينھن اڳ ميان صاحب پوليس اسان جي ٻن نوجوانن عاشق علي ڪلر ۽ ارشاد علي ڪلر کي قاضي پٽي -زرخيل لنڪ روڊ تي روڪي کين کنڀي نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو هو. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته توھان جا نوجوان سوزوڪي ڦرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا پوليس کين موقعي واردات تان گرفتار ڪيو آھي، پوليس اسان کان ڳري رشوت جو مطالبو ڪيو. انڪار تي پوليس نوجوان عاشق علي کي موٽرسائيڪل سميت رستم پوليس حوالي ڪيو، جنهن مٿس 5 ڪلو چرس هڻي ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو. ٻئي نوجوان ارشاد علي ڪلر کي ڊکڻ پوليس حوالي ڪيو ويو، ڊکڻ پوليس به 5 ڪلو چرس برآمد ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪري کيس چالان ڪري ڇڏيو. هنن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close