ڄامشوري ۾ صحافي ربنواز ابڙو تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. صحافي ربنواز ابڙو تي سول اسپتال حيدرآباد انتظاميا پاران حيدرآباد مارڪيٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف ايس يو پي تعلقي صدر نثار لاکير، جاويد شورو، پير بخش سهارڻ، قادر بخش بخش ڀلائي، سرور برفت، شاهنواز خاصخيلي، محمد بخش مري جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي فقير حق نواز برهماڻي، مير مرتضى نائچ، آزاد سنجراڻي، غلام رسول منگي، ڪامريڊ سومر خان جمالي، عبدالفتاح چنا، محمد ايوب جوڻيجو، ساگر عالماڻي، اين بي کوسو، حافظ الهندو تيوڻو، آصف شورو، وڏيرو شوڪت شورو، دربان عالماڻي، ضمير تنيو، عرفان برفت، ذوهيب سولنگي، حاڪم چانڊيو، صدر جوڻيجو، راشد لاکير، رحيم بلوچ، وزير نوحاڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته حق ۽ سچ لکڻ تي صحافي ربنواز ابڙو تي اسپتال انتظاميا جي ڪرپٽ ڪاموري ستار جتوئي حيدرآباد مارڪيٽ ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي. هنن وڏي وزير، صحت جي صوبائي وزير، سيڪريٽري صحت کان مطالبو ڪيو ته صحافي ربنواز ابڙو مٿان داخل ڪيس جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي ڪرپٽ ڪاموري کي هٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ لمس اسپتال آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close