اوٻاوڙو ڀرسان رانوتي ٻيلو ۾ پوليس پاران 17 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل ڪوهاٽ واسي فيض الله پٺاڻ کي مبينا مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعوى ڪئي آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي اظهر مغل رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته رانوتي جي ڪچي واري علائقي ۾ اسان جو آپريشن جاري آهي. ڏوهارين خلاف ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي. جلد آپريشن شروع ڪيو ويندو ۽ انهن ڏوھاري ٺڪاڻن کي به تباهه ڪيو ويندو. هوڏانهن اهڙي پوليس مقابلي جو ڪيس رانوتي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويندو. اطلاع آهن ته مغوي فيض پٺاڻ جي بازيابي ڀنگ ڀرڻ عيوض ٿي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close