سنڌ

ٿر کي پاڻي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن:ناصر شاهه

سنڌ جي مڪاني، ڳوٺاڻي ترقي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ ٿر جي مختلف علائقن کي پاڻي جي فراهمي ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ مڪاني کاتي جي ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن رميش ڪمار، مهيش ملاڻي، سنڌ جي اسيمبلي جي ميمبر قاسم سراج سومرو، مڪاني کاتي وارو سيڪريٽري نجم شاهه، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي وارو سيڪريٽري اختر حسين بگٽي، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهو، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ۽ مڪاني کاتي ۽ ٻين کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٿر عمرڪوٽ، ڇاڇڙو، مٺي، نوڪوٽ، ننگرپارڪر ۽ اسلام ڪوٽ کي پيئڻ جي پاڻِي جي فراهمي جي اسڪيمن تي چونڊيل نمائندن تجويزون پيش ڪيون. ان موقعي تي مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته چونڊيل نمائندن جي تازين تجويزن کي نئين اي ڊي پي ۾ شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته ٿر کي پاڻي جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿرڪول پاور جنريشن جي حوالي سان رول ماڊل ٺاهڻ چاهيون ٿا. مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه رميش ڪمار جي تجويزن ۽ تجويز ڪيل پلان جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته معزز ميمبر اسيمبلي جي تجويزن کي ڀرپور نموني استعمال ڪيو ويندو. ان موقعي تي مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ٿر ۾ آر او پلانٽس کي فعال رکڻ جي لاءِ لاپرواهي نه ڪئي وڃي ۽ هدايتون ڏنيون ته جيڪو ڪانٽريڪٽرز، آر او پلانٽس فعال رکڻ ۾ ناڪام ٿيندا، انهن جي خلاف قانون جي مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ آر او پلانٽس ۾ بهتري آڻڻ لاءِ تجويزون ڏنيون ويون ته آر او پلانٽس جي حوالي سان مڊل ايسٽ، سعودي عرب، ليبيا وغيره جي ماڊلز کي پڻ ڏٺو وڃي. اجلاس ۾ مڪاني واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت پاران ٿر کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ خاص هدايتون آهن ۽ اسان کي ٿر ۽ ٻين سمورن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي قابل عمل ۽ پائيدار اسڪيمن تي تيزي سان ڪم ڪرڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button