سنڌ

شرجيل انعام ميمڻ جو پيپلز بس سروس ۽ اورينج لائن جي آغاز بابت اجلاس

اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس ۽ عبدالستار ايڌي اورينج لائن پروجيڪٽ جي آغاز بابت نيشنل ريڊيو ٽرانسميشن ڪمپني ( اين آر ٽي سي) ۽ سنڌ انفرااسٽرڪچر ڊيولپمنٽ ڪمپني ( ايس آئي ڊي سي ايل) سان الڳ الڳ اجلاس ٿيا، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحيلم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن(ر) الطاف حسين ساريو، ڊائريڪٽر يوسف منير ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، پروجيڪٽ مئنيجر اين آر ٽي سي صهيب شفيق، جي ايم (انجنيئرنگ) ايس آئي ڊي سي ايل شفيق محمد، سنيئر مئنيجر ايس آئي ڊي سي ايل عبدالعزيز، نيسپاڪ جي ايم محمد فاروق ۽ نيسپاڪ پروجيڪٽ مئنيجر ريحان ضامن به موجود هئا. اجلاس ۾ پيپلز بس سروس ۽ عبدالستار ايڌي اورينج لائن جي آغاز بابت غور ويچار ڪيو ويو. صوبائي وزير چيو ته هي عوامي مفاد جا پروجيڪٽ آهن، سنڌ حڪومت ٻنهي پروجيڪٽس جو جلد کان جلد آغاز ڪرڻ چاهي ٿي. پيپلز بس سروس جي پهرين جون ۽ اورينج لائن جي ڪٽ آف ڊيٽ 30 مئي ڏئي چڪو آهيان، جيڪڏهن ڪو ڪانٽريڪٽر يا لاگاپيل ادارن جي آفيسرن ڪمنٽمنٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي ته انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. شرجيل انعام ميمڻ اين آر ٽي سي کي هدايت ڏني ته اڄ کان پيپلز بس سروس روٽ ون شاهراهه فيصل تي 14 بس اسٽاپ جي تعمير جو آغاز ڪيو وڃي. ڪي ايم سي سان گڏجي 4 ڏينهن ۾ بس اسٽاپ جي تعمير مڪمل ڪئي وڃي. صوبائي وزير چيو ته پهرين جون تائين پيپلز بس سروس جي روٽ ون تي بسون ھلائيون وڃن، سنڌ حڪومت فيول سميت سمورا خرچ ڀرڻ لاءِ تيار آهي. اورينج لائن بابت سنڌ انفرااسرڪچر ڊيولپمنٽ ڪمپني سان اجلاس ۾ صوبائي وزير چيو ته گذريل ڏينهن ھن اورينج لائن جو تفصيلي دورو ڪيو آهي. ڪنٽريڪٽر ڊيپو تي 28 مئي تائين ڪم مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، بس ڊرائيورز جي تربيت به مڪمل ٿي چڪي آهي سڀاڻي کان اورينج لائن جي ٽريڪ تي بسن جي ٽيسٽ ڊرائيو جو آغاز ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button