سنڌ

وياج جي شرح ۾ ڏيڍ سيڪڙو واڌ،ايندڙ سال مهانگائي اڃا وڌندي:اسٽيٽ بئنڪ

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ايم پي سي وياج جي شرح 150 بيسس پوائنٽس (ڏيڍ سيڪڙو) وڌائي 13 ڏهائي 75 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته وياج جي شرح ايندڙ ڏيڍ مهيني لاءِ وڌائي وئي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 13 ڏهائي 779 ارب ڊالرن جو آهي، وياج جي شرح وڌائڻ سان اوسر 3 ڏهائي 5 مان 5 ڏهائي 5 سيڪڙو ٿي ويندي. اسٽيٽ بئنڪ موجب مانيٽري ۽ اقتصادي پاليسي سان طلب کي پائيدار ڪرڻو پوندو، مهانگائي جا امڪان ۽ ٻاهريان خدشا گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، مهانگائي جي صورتحال ٻاهرين ۽ اندرين حالتن سان متاثر ٿي آهي، مالي سال 2022 جي اوسر مضبوط آهي. مرڪزي بئنڪ جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال جي اقتصادي پاليسي، توانائي سبسڊي پيڪيج سان طلب وڌي آهي، پاليسي دير جي بييقيني مٽاسٽا شرح تي اثرانداز ٿي رهي آهي، پاڪستاني معيشت ڪووڊ کانپوءِ اميدن کان وڌيڪ تيزي سان وڌي، گذريل سال معيشت 5 ڏهائي 7 سيڪڙو رهي، هلندڙ سال معيشت 5 ڏهائي 97 سيڪڙو سالياني شرح کان وڌي رهي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آءِ ايم ايف ڳالهيون جاري رکڻ جي صلاح ڏيندي فيول ۽ اليڪٽرڪ سبسڊي واپس وٺڻ جي تجويز ڏني آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب مهانگائي وقتي وڌندي، ايندڙ مالي سال ۾ به بلند رهندي، مالي سال 2024 تائين مهانگائي جي شرح 5 کان 7 سيڪڙو ٿي ويندي، مهانگائي عالمي جنسن جي اگهن، مقامي طلب، مالي خرچ گهٽ ڪرڻ سان ٿيندي، ايڪسپورٽ ريفاننسنگ ۽ ڊگهي عرصي جي فنڊنگ تي وياج جي شرح وڌائي وئي آهي، آخري اجلاس کانپوءِ به ڊمانڊ جا انگ اکر بلند آهن، پيٽروليم شين، گاڏين جي وڪري، بجلي پيداوار ۽ خدمتن تي سيلز ٽيڪس وصولي بلند آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button