سنڌ

هاءِ ڪورٽ جو ارسا چيئرمين کي سنڌ کي حصي جو پاڻي فراهم ڪرڻ جو حڪم

سنڌ ۾ پاڻي جي چوري ۽ کوٽ تي پاڻي وزارت، ارسا ۽ آبپاشي کاتي کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آھن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا چيئرمين کي سنڌ کي حصي جو پاڻي فوري مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ سبب فصل ۽ زرعي زمينون سُڪي رهيون آهن، ٻئي پاسي جانور توڙي ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ارسا پاڻي ورڇ ۾ سنڌ سان لڳاتار زيادتي ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ پاڻي چوري جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي آھي، عدالت ارسا کي ايندڙ شنوائي تي پاڻي فراهمي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button